ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڊالر جي ٽرپل سينچري

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) انٽر بئنڪ ۾ پاڪستاني رپئي جي قدر ۾ مسلسل گهٽتائي جو سلسلو جاري آهي ۽ آمريڪي ڊالر رپئي جي مقابلي ۾ ٽرپل سينچري مڪمل ڪري ورتي آهي.انٽر بئنڪ ايڪسچينج ۾ ڊالر 36 پئسا مهانگو ٿي 300 رپيا ٿي ويو آهي، جيڪو ملڪي تاريخ ۾ آمريڪي ڊالر جي بلند ترين سطح آهي.ڪالهه واپار دوران انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ ڊالر 299 رپيا 75 پيسا تي پهچي ويو ۽ ڪاروبار جي پڄاڻي تي 63 پوائنٽس جي واڌ سان 299 رپيا 64 پيسا تي بند ٿيو، جيڪو انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ ڊالر جي سڀ کان وڌيڪ بند قيمت آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو