ملير جيل مان فرار ٿيل وڌيڪ 10 قيدي جيل واپس پهچي ويا

ملير جيل مان فرار ٿيل وڌيڪ 10 قيدي جيل واپس پهچي ويا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي ملير ڊسٽرڪٽ جيل مان فرار ٿيل ڏهه وڌيڪ قيدي جيل ۾ واپس اچي ويا آهن. اختيارين موجب، واپس آيل قيدين جو انگ 149 تائين پهچي ويو آهي، جڏهن ته 66 اڃا تائين فرار آهن. لانڍي جيل جي سپرنٽنڊنٽ شهاب صديقي چيو ته ڪجهه قيدي گرفتار ڪيا ويا هئا ۽ ڪجهه رضاڪارانه طور تي واپس آيا آهن، شهاب صديقي چيو ته زلزلي دوران ملير جي لانڍي جيل مان 215 قيدي فرار ٿي ويا هئا. ياد رهي ته سپرنٽينڊنٽ جي رپورٽ موجب، زلزلي جي خوف کان هزارين قيدي ڀڄي ويا. رات جو 1:30 وڳي قيدين مکيه گيٽ ٽوڙيو ۽ 216 قيدي فرار ٿي ويا. شروعاتي رپورٽ ۾، سپرنٽينڊنٽ چيو ته فائرنگ جي واقعن ۾ 12 قيدي ۽ مختلف عملي جا ميمبر زخمي ٿيا آهن. طاهر خان نالي هڪ قيدي به فرار ٿيڻ جي ڪوشش دوران فائرنگ ۾ مارجي ويو.جيل اختيارين جو چوڻ آهي ته شاهه لطيف ٽائون ۾ جيل مان قيدين جي فرار ٿيڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ پوليس مقابلو، قتل جي ڪوشش ۽ ڦرلٽ سان گڏ دهشتگردي جي خاتمي جون دفعات به شامل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو