لکي غلام شاھ (رپورٽ: نثار منگي)رستم ڀرسان 5 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل 2 نوجوان شاهد قريشي ۽ اسد الله آرائين کي شڪارپور پوليس بازياب ڪرائڻ۾ناڪام، مغوين جي وارثن ۽ شھرين جو مغوين جي بازيابي لاء احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ۽ ڌرڻو هڻي روڊ تي ويهي رهيا،جيڪو ٻن ڪلاڪن تائين جاري رهيو احتجاج ۾ رستم ۽ چڪ کان علاوه ڀرپاسي جي سوين ڳوٺاڻن شرڪت ڪئي،ريلي رستم مين بازار کان ٿيندي ٿاڻي اڳيان ريلي کي خطاب ڪندي عبدالباسط مهر،غني غمدل،استاد قاسم مهر جاويد خان سماجي تنظيم اڳواڻ عورت اڳواڻ مهناز مهر۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته شڪارپور پوليس 5 ڏينهن گذرڻ باوجود ٻن نوجوانن کي بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي آهي، علائقو سوڳوار بڻيل آھي هر گهر ۾ ماتم آھي آء جي سنڌ مشتاق مهر جي پاڙي جا ماڻهو محفوظ ناهن، ايس ايس پي شڪارپور مغوين جي وارثن وٽ هلي اچڻ لاء تيار ناهي، احتجاج دوران هڪ مغوي شاهد قريشي جو چاچو پنهنجي ڀائيٽي جي جدائي تي روئي ڏنو جنهن سبب احتجاج ۾ شامل شھري به پنهنجي جذبات تي قابو نه آڻي سگهيا،مظاهرين آئي جي سنڌ ڊي آئي جي لاڙڪاڻو وزيراعلي سنڌ آرمي چيف وفاقي گهرو وزير کان فوري نوٽيس وٺي مغوي بازياب ڪرائڻ جي گهر ڪئي آھي.










