معياري بنيادي تعليم سان انقلاب اچي سگهي ٿو، مارڪ

دادو(ادل مهيسر )بنيادي تعليم جو معيار بهتر ڪرڻ لاءِ آمريڪا ۽ پاڪستان جي گڏيل تعاون واري منصوبي هيٺ ڳوٺ وليد شيخ ۾ نئين اسڪول جو افتتاح ڪيو ويو. يو ايس ايڊ جي ايڪٽنگ ڊائريڪٽر سنڌ ۽ بلوچستان، مارڪ سورسن، ايم پي اي دادو بئريسٽر پير مجيب الحق، ضلع ڪائونسل دادو جي چيئرمين  سردار اشرف  خان سولنگي، پروجيڪٽ ڊائريڪٽر مشتاق احمد سومرو، ڊپٽي ڊائريڪٽر طارق انور کوکر، هيڊماستر عرفان شيخ، تعليمي ماهر سلطان شيخ ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي يو ايس ايڊ جي نمائندي خطاب ڪندي ٻڌايو ته  آمريڪا ۽ پاڪستان جي گڏيل تعاون سان  سنڌ جي 9 ضلعن ۾ 112 معيار بنيادي تعليم جا اسڪول قائم ڪيا ويندا،  هي اسڪول هڪ سئو سالن تائين قائم رهندو ، صرف سٺن استادن جي محنت ۽ ايمانداري سان ٻارڻ کي معياري تعليم ڏيڻ ضروري آهي. هن ٻڌايو ته  آمريڪا جي 50 رياستن جي ماڻهن هن منصوبي لاءِ ساڍا پندرنهن ڪروڙ ڊالر ڏنا 10آهن جڏهن ته پاڪستان حڪومت هڪ ڪروڙ ڊالر ڏنا آهن. هنن اسڪولن ۾ شاگردن کي مفت معياري تعليم ڏني ويندي.

هن چيو ته معياري تعليم سان وڏو انقلاب اچي سگهي ٿو. هن ٻڌايو ته هن منصوبي هيٺ 15 هزار استادن کي ٽرينگ به ڏني ويئي آهي. 106هن رٿا هيٺ 68 اسڪول تعمير ٿي چڪا آهن، جن مان  43 اسڪولن ۾ پڙهائي جو عمل شروع ڪيو ويوآهي. هنن اسڪولن ۾ نياڻين لاءِ هنري سکيا جو بندوبست به ڪيو ويو آهي. دادو جي اسڪول ۾  261 ڇڪرا ۽ 104 ڇوڪريون تعليم حاصل ڪري رهيون آهن. هن اسڪول جي بلڊنگ  لاءِ 4 ايڪڙ زمين حبيب الرحمن شيخ مفت ۾ ڏني آهي . ان موقعي تي ايم پي اي پير مجيب الحق چيو ته پيپلز پارٽي عوام جي خدمت ڪئي آهي 2008 ۾ سنڌ يونيورسٽي ڪئمپس سان گڏ نوان ڪاليج ڏناسين، دادو جي شاگردن ۾ ٽيلينٽ آهي دادو تعليم جي حوالي سان دنيا ۾ پاڻ مڃرايو آهي، وليد شيخ جي شاگردن ۽ شاگردياڻين جو ٽيلينٽ ڏسي ڏاڍي خوشي محسوس ٿي آهي. ان موقعي تي شاگردن ثقافتي پروگرام به پيش ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو