معاشي ۽ سياسي بحرانن جون ذميوار وفاقي پارٽيون آهن، مگسي

معاشي ۽ سياسي بحرانن جون ذميوار وفاقي پارٽيون آهن، مگسي

حيدرآباد(بيورو رپورٽ) ملڪ جي اندر پيدا ٿيل سياسي ۽ معاشي بحرانن جون ذميوار وفاقي پارٽيون آهن جن اقتدار جي حاصلات لاءِ موقعي پرستيون ڪري ملڪ کي نازڪ موڙ تي آڻي بيهاريو آهي اهڙن خيالن جو اظهار سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي حيدرآباد ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي ڪراچي ڊويزن جي تنظيمي اڳواڻن جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ملڪ جي اندر معاشي ۽ سياسي بحرانن سبب ملڪ اندر غير يقيني واري صورتحال آهي حڪمران جماعتون ۽ اسيمبلي ۾ ويٺل مخالف جماعتون هڪٻئي جون ٽنگون ڇڪڻ ۾ پوريون آهن پر هنن کي عوام جو ڪوبه فڪر ناهي. عوام انتهائي عذاب واري زندگي گذاري رهيو آهي. مھانگائي عروج تي پهچي چڪي آهي عام ماڻهو جو جيئڻ مشڪل بڻجي ويو آهي. حڪمران جماعتون عوام کي ڪوبه رليف ناھين ڏئي سگهيون. هن وڌيڪ چيو سنڌ اندر برسات متاثرين جي واهر ۽ ٻيهر بحالي ۾ پ پ پ حڪومت مڪمل ناڪام وئي آهي. هن سردي جي موسم ۾ اڃان تائين برسات متاثرين کلي آسمان ھيٺ ويٺل آهن ڪيترا ڳوٺ پاڻي هيٺ آهن جن مان اڃان تائين پاڻي ناهي نڪري سگهيو ته ٻي پاسي مٿان وري سنڌ ۾ هٿڙادو اٽي جو بحران پيدا ڪري اٽو مهانگو ڪيو ويو آهي. هاڻي حالت اها آهي جو ڪو غريب ماڻهو ڪلو اٽو وٺي رُکي ماني به پنهنجي ٻچن کي نٿو کارائي سگهي. موجوده حڪمران ڪرپشن ڪري پنهنجا اڪائونٽ ڀرڻ ۾ مصروف آهن هنن کي عوام جو ڪو فڪر اونو ناهي. سنڌ جي شهرن کي ٻيهر نسل پرست ٽولن جي حوالي ڪرڻ جو ڪوششون ڪيون پيون وڃن. اجلاس کي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ گلزار سومرو ، حيدر ملاح ،ڊاڪٽر سومار مڱريو ، عاشق سولنگي ، قادر چنا ، خيرمحمد مگسي ، حيات تنيو ، شاھنواز سيال ، عاشق ٿهيم شبير چانڊيو ،رجب مگسي ، راڻو زوهراڻي، مبارڪ ڀٽي ، علي بخش لاشاري ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو