معاشي ايمرجنسي بابت خط ڪوڙو آهي، اٽي تي سبسڊي جاري رهندي

معاشي ايمرجنسي بابت خط ڪوڙو آهي، اٽي تي سبسڊي جاري رهندي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ڪيبينيٽ ڊويزن جي نالي تي ميڊيا جي ڪجهه حصن ۾ گردش ڪندڙ خط کي بي بنياد ۽ جعلي قرار ڏئي ڇڏيو آهي. سڌ سماءَ واري وزارت اربع ڏينهن ٽوئيٽ ڪندي چيو ته ڪيبينيٽ ڊويزن جي نالي تي جاري ڪيل خط جعلي آهي. ٽوئيٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو ته جعلي خبرون پکيڙڻ نه رڳو غير اخلاقي ۽ غير قانوني آهي پر قومي نقصان جو به سبب آهي. غير ذميواراڻي رويي کي رد ڪرڻ هر ڪنهن جي ذميواري آهي. ياد رهي ته جعلي خط ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۽ ٻين سهولتن ۾ گهٽتائي جو ذڪر آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو