معاشي امداد بابت خط لکڻ افسوسناڪ آهي:ناصر شاهه

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ناصر شاهه چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني جو آءِ ايم ايف ۽ ٻين کي خط سندس ذهنيت جي عڪاسي آهي.پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته پاڪستان کي معاشي امداد نه ڏيڻ لاءِ دوست ملڪن کي خط موڪلڻ انتهائي افسوسناڪ آهي.پيپلز پارٽي جي اڳواڻ چيو ته هي قدم پاڪستان جي معاشي مستقبل سان کيڏڻ برابر آهي، پي ٽي آءِ رڳو پاڪستان ۾ انتشار، عدم استحڪام ۽ انتشار چاهي ٿي.ناصر شاهه چيو ته پي ٽي آءِ اڳ به اهڙيون غلطيون ڪيون آهن، 2018ع ۾ ڌانڌلي باوجود اسان ڪڏهن به اهڙو ڪم ناهي ڪيو.هن وڌيڪ چيو ته جنهن ملڪ پي ٽي آءِ جي باني کي عزت ڏني، ان کي وزيراعظم بڻايو، اهو ملڪ جي عزت سان کيڏي رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو