مسلسل گهٽتائي کانپوءِ پاڪستان زرمبادله وڌي ويا

مسلسل گهٽتائي کانپوءِ پاڪستان زرمبادله وڌي ويا

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پاڪستان جي پرڏيهي مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ 14 هفتن جي مسلسل گهٽتائي کانپوءِ رڪارڊ اضافو ٿيو آهي.اسٽيٽ بئنڪ طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب 10 فيبروري تي ختم ٿيندڙ هفتي دوران پرڏيهي مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ 162.6 ملين ڊالر جو اضافو ٿيو آهي.مرڪزي بئنڪ موجب 10 فيبروري تائين ملڪي پرڏيهي مٽاسٽا جا ذخيرا 8 ارب 70 ڪروڙ ڊالر رهيا.اهو 14 هفتن جي مسلسل گهٽتائي کانپوءِ پاڪستان جي پرڏيهي مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ رڪارڊ واڌ آهي.10 فيبروري تائين اسٽيٽ بئنڪ جا ذخيرا 3.19 بلين ڊالر هئا، جڏهن ته ڪمرشل بئنڪن جا ذخيرا 11.36 ارب ڊالرن جي گهٽتائي سان 5.50 ارب ڊالر ٿي ويا.

پهنجو تبصرو موڪليو