اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پي ٽي آءِ اڳواڻ شير افضل مروت پارٽي جي اجلاسن ۾ دعوت کانسواءِ شرڪت نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.پي ٽي آءِ اڳواڻ شير افضل مروت ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هو ڪنهن به ريلي ۾ شرڪت نه ڪندو جيستائين قيادت پاڻ کيس نه سڏيندي. هو نٿو چاهي ته منهنجي ڪري قيادت بي آرامي محسوس ڪري.شير افضل مروت انڪشاف ڪيو ته ڪجهه ماڻهو مون کي اسٽيج تي مقرريون ڪندي ڏسڻ نٿا چاهين، مون هميشه پي ٽي آءِ جي حق ۾ ڳالهايو آهي.










