نوشهروفيروز (ن س )اڳوڻو وفاقي وزير جي ڊي اي اڳواڻ مرتضي جتوئي کي هٿڪڙيون ھڻي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، کيس بڪتر بند گاڏي جو عدالت اندر در کوليو ويو،وڪيلن جي وڏي انگ استقبال ڪيو، مرتضي جتوئي ھٿ مٿي ڪري وڪيلن کي جواب ڏنو،ٽي وي رپورٽ موجب جي ڊي اي اڳواڻ غلام مرتضي جتوئي کي عدالت منتقلي وقت ڊي ايس پي جي صحافين سان ڏند چڪ ٿي،ڊي ايس پي طرفان صحافين کي ڌڪا ڏنا ويا، جي ڊي اي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير غلام مرتضيٰ جتوئي کي جيل ڪسٽڊي ۾ اسپتال منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو، جسماني رمانڊ جي درخواست رد ڪئي وئي، مٿس ڏوڪري ۽ باڊهه ٿاڻن تي به وڌيڪ ٻه ڪيس ظاهر ڪيا ويا،










