مدئجي ڀرسان پاڻي جي بورنگ جو چوڪيدار گوليون هڻي قتل

مدئجي ڀرسان پاڻي جي بورنگ جو چوڪيدار گوليون هڻي قتل

مدئجي (ن س )مدئجي ويجهو هٿياربندن پاڻي جي بورنگ جي چوڪيدار کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو.ڳوٺ اورنگ آباد ۾ هٿياربندن 55 ورهين جي محمد شريف کوسو کي قتل ڪري فرار ٿي ويا.اطلاع تي پوليس پهچي مقتول جو لاش تعلقي اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو.وارثن صحافين کي ٻڌايو ته سندن ڪنهن سان به دشمني ناهي پيرسن محمد رمضان پاڻي جي بورنگ تي چوڪيداري ڪندو هو، گذريل رات هٿياربندن مشين چوري ڪرڻ جي ڪوشش دوران مزاحمت تي کيس گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا.هنن مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو