اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) مخصوص سيٽن جي ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جي جسٽس يحيٰ آفريدي 26 صفحن تي ٻڌل اختلافي نوٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي.جسٽس يحيٰ جي اختلافي نوٽ ۾ چيو ويو آهي ته سني اتحاد ڪونسل مخصوص سيٽن کي حاصل حاصل ڪرڻ جي لاءِ آئيني گهرجن تي پوري ناهي لٿي. سني اتحاد مخصوص سيٽون وٺڻ جي اهل ناهي ان جون درخواستون رد ڪيون وڃن ٿيون.اختلافي نوٽ ۾ چيو ويو آهي ته تحريڪ انصاف سياسي پارٽي آهي، مخصوص سيٽن جي لاءِ اهل آهي، اليڪشن ڪميشن ڌرين کي ٻڌي 7 ڏينهن ۾ فيصلو ڪري. اختلافي نوٽ موجب 3 جون کان ڪيس هلي رهيو هو، پي ٽي آءِ 26 جون تائين ڪابه درخواست ناهي ڏني، 26 جون تي پي ٽي آءِ جي ڌر بنجڻ جي درخواست آئي، بيرسٽر گوهر جاري ڪيس ۾ مدد جي درخواست ڏني، پر پي ٽي آءِ پنهنجي حق ۾ ڪنهن به ڊڪليريشن جي استدعا ناهي ڪئي.جسٽس يحيٰ آفريدي لکيو ته اليڪشن ڪميشن ڌرين کي ٻڌي 7 ڏينهن ۾ فيصلو ڪري ۽ مخصوص سيٽن جي لاءِ جاري ڪيل نوٽيفڪيشن جو ٻيهر جائزو وٺي.










