پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ظاهر شاهه طور چيو آهي ته محمود خان ۽ اڪرم دراني جي چونڊيل نگران وڏي وزير کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو. پشاور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ظاهر شاهه طور چيو ته محمود خان وڏو وزير آهي ۽ اڪرم دراني اپوزيشن ليڊر ناهي. نگران وڏو وزير چونڊجڻ جي صورت ۾ عدالت ۾ وينداسين،هن چيو ته خيبرپختونخواهه جي گورنر محمود خان ۽ اڪرم دراني کي ڪهڙي قانون تحت خط لکيو آهي، اهو معاملو آئيني طريقي تحت حل ٿيڻ گهرجي، گورنر پنهنجو فارمولو نه ٺاهي.ظاهر شاهه تورو جو چوڻ آهي ته گورنر غلام علي، محمود خان ۽ اڪرم دراني پاران چونڊيل نگران وڏو وزير رڳو سياسي هوندو، کين پنهنجي چونڊيل نگران وڏي وزير مان ليول پلئنگ فيلڊ جي اميد ناهي.
