لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين محمد رضوان بي بي ايل ڊرافٽ مان دستبردار ٿي ويو.ڪرڪيٽ آسٽريليا موجب ويسٽ انڊيز جو نڪولس پورون به ڊرافٽ مان ٻاهر ٿي ويو آهي.ڪرڪيٽ آسٽريليا موجب بگ بيش ليگ ۽ وومين بگ بيش ليگ جو اوورسيز ڊرافٽ 3 سيپٽمبر تي ٿيندو.شاداب خان، حارث رئوف، افتخار احمد ۽ آصف علي سميت ڪيترائي پاڪستاني ڪرڪيٽر ڊرافٽ ۾ شامل آهن.پاڪستان وومين ٽيم جي ڪپتان ندا ڊار ۽ فاطمه ثنا سميت ڪيتريون ئي پاڪستاني وومين ڪرڪيٽر به ڊرافٽ ۾ شامل آهن.
