اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي اسلام آباد پوليس جي فوت ٿي ويل ايس ايس پي عديل اڪبر جي رهائشگاهه ڪامونڪي ۾ سندس گهر ڀاتين سان تعزيت ڪئي.گهرو وزير محسن نقوي ايس پي عديل اڪبر جي والد ۽ ڀاءُ کي دلاسو ڏنو ۽ دلي همدردي جو اظهار ڪيو. هن مرحوم لاءِ فاتحه خواني ڪئي ۽ سوڳوار خاندان جي لاءِ صبر جميل جي دعا پڻ ڪئي.محسن نقوي چيو ته ايس پي عديل اڪبر انتهائي قابل ۽ فرض شناس آفيسر ۽ اسلام آباد پوليس جو اثاثو هو، انهي جي اوچتي وڇوڙي سان دلي صدمو پهتو، ڏک جي هن گهڙي ۾ اوهان سان گڏ آهيون ۽ هميشه گڏ بيٺل رهنداسين. انهي موقعي تي اسلام آباد پوليس جو ڊي آءِ جي عتيق طاهر، ڊي آءِ جي جواد طارق ۽ ڊي آءِ جي هارون جوئيه به موجود هئا.










