ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ خالد مقبول صديقي جي بيان تي سخت رد عمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته متحده قومي موومينٽ پنهنجي مئل سياست کي بحال ڪرڻ لاءِ پيپلز پارٽي تي تنقيد ڪري ٿي. ڪراچي جي عوام لاءِ، متحده قومي موومينٽ ماضي جو هڪ خوفناڪ خواب ٿي ڪري رهجي ويو آهي، ايم ڪيو ايم تنقيد ڪري ٿي ته ان تي جوابي تنقيد ٿئي ۽ ان جو سياسي قد وڌي، شرجيل انعام ميمڻ وڌيڪ چيو ته ڪنهن به ايم ڪيو ايم اڳواڻ جي ڪنهن به بيان کي اسان سنجيده ناهيون وٺندا، ڪراچي ۾ ڪاروباري ماڻهن جي اعزاز ۾ مانجهندي تي هڪ ڪامياب اجتماع ٿيو. واپارين جي اعزاز ۾ ڏنل مانجهندو جو مقصد واپارين جي مسئلن جي نشاندهي ڪرڻ، انهن جا حل ڳولڻ ۽ پاڪستان کي ترقي جي رستي تي آڻڻ لاءِ واپارين سان گڏ ڪم ڪرڻ هو. هن چيو ته شرجيل ميمڻ چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري تي واپارين مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو آهي ۽ چيئرمين جو شڪريو ادا ڪيو ته هاڻي انهن کي ڀتي جون پرچيون ۽ ٻوري بند لاش ناهن ملندا، ، انهن کان قربانين جي کليون ناهن کسيون وينديون، روز روز هڙتاليون ناهن ٿينديون. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ سنڌ حڪومت جي اولين ترجيح سنڌ سميت پوري ملڪ کي هڪ بهتر ۽ وڌيڪ ترقي يافته ملڪ بڻائڻ آهي.










