ماڙي جلباڻي، ڳوٺاڻا پنهنجن هٿان مئا، وارثن تي ڪيس داخل

قاضي احمد(ن س) سڪرنڊ جي ڳوٺ ماڙي جلباڻي ۾  پيش آيل واقعي جو مقتولن جي وارثن  ۽ ڳوٺاڻن تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي سي آءِ اي انچارج مقصود  مڱڻهار جي فرياد تي 250 کان وڌيڪ  ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو،ايف آئي آر گناهه نمبر39 پي ايس  ماڙي جلباڻي تي قلم324،354  پي پي سي تحت داخل ڪيو ويو، جنهن ۾ مقتولن جا وارث لياقت جلباڻي، رجب، غلام رسول، موريو، منير جلباڻي ۽ ٻيا نامزد ڪيا ويا آهن ڪيس ۾ 200 کان 250  نامعلوم ڳوٺاڻن کي به نامزد ڪيو ويو،  ڪيس جي متن ۾ چيو ويو آهي ته پوليس ۽ رينجرس ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي ته ڳوٺاڻن گهيرو ڪري ورتو ايف  آءِ آر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته رينجرز پنهنجي جوانن کي ڇڏائڻ لاءِ لاٺي  چارج ڪئي ته ڇتين تي ويٺل ڳوٺاڻن فائرنگ ڪري ڏني، ڳوٺاڻن جي فائرنگ ۾ سندن ئي ڳوٺاڻن  کي گوليون لڳيون، رينجرز جي فائرنگ ۾  صرف هڪ ڄڻو زخمي ٿيو

پهنجو تبصرو موڪليو