مانيٽري پاليسي بابت ايمرجنسي اجلاس جون خبرون بي بنياد آهن

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان چيو آهي ته هنگامي مانيٽري پاليسي اجلاس جون خبرون بي بنياد آهن.اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته مستقبل جي پاليسي ريٽ بابت اڳڪٿي ڪرڻ وقت کان اڳ آهي، مانيٽري پاليسي ڪميٽي سود جي شرح جو فيصلو ڪرڻ وارو قانوني ادارو آهي.بيان ۾ اهو به چيو ويو ته مانيٽري پاليسي ڪميٽي جو اجلاس 14 سيپٽمبر تي ٿي رهيو آهي جنهن ۾ شرح سود بابت فيصلو ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو