مالي سال جي 4 مهينن ۾ ٽيڪس وصولي جو هدف حاصل

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) هلندڙ مالي سال جي پهرين 4 مهينن دوران ٽيڪس وصولي جو هدف حاصل ڪري ورتو آهي. ايف بي آر مالي سال جي 4 مهينن ۾ 37 سيڪڙو جي اضافي سان 2 هزار 748 ارب رپيا روينيو گڏ ڪيو، گذريل سال ان ئي عرصي ۾ 2 هزار 159 ارب رپيا روينيو گڏ ڪيو ويو هو.ايف بي آر جي بيان ۾ چيو ويو آهي ته هلندڙ سال جي پهرين 4 مهينن دوران ٽيڪس وصولي جو هدف 2 هزار 682 ارب رپيا هو، ايف بي آر پنهنجي هدف کان 66 ارب رپيا وڌيڪ گڏ ڪيا.بيان موجب آڪٽوبر ۾ ايف بي آر 707 ارب رپيا روينيو گڏ ڪيو، آڪٽوبر ۾ ٽيڪس وصولي جو هدف 516 ارب رپيا هو.ان کان علاوه ايف بي آر هلندڙ مالي سال جي پهرين 4 مهينن دوران 158 ارب رپين جا ريفنڊ ادا ڪيا.جاري ڪيل پڌرائي موجب هلندڙ مالي سال جي پهرين 4 مهينن دوران 2.9 ملين ماڻهن پنهنجا ٽيڪس گوشوارا جمع ڪرايا.گذريل سال مالي سال جي پهرين 4 مهينن دوران 2.57 ملين ماڻهن پنهنجا ٽيڪس گوشوارا جمع ڪرايا.ٻئي طرف ذريعن جو چوڻ آهي ته ايف بي آر ٽيڪس گوشوارا جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ واڌ نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.ذريعن موجب انڪم ٽيڪس ڪمشنرن کي اختيار هوندو ته اهي درخواستن تي گوشوارا جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ واڌ ڪري سگهن، انڪم ٽيڪس ڪمشنر درخواست ڏيڻ جي صورت ۾ ئي مدي ۾ واڌ جو مجاز هوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو