پهرين ڇه ماهي ، ڪرنٽ اڪائونٽ سرپلس 1.21 ارب ڊالر رهيو

پهرين ڇه ماهي ، ڪرنٽ اڪائونٽ سرپلس 1.21 ارب ڊالر رهيو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جو چوڻ آهي ته ڊسمبر 2024ع ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ سرپلس 58.20 ملين ڊالر آهي، جڏهن ته هلندڙ مالي سال جي پهرين اڌ ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ سرپلس 1.21 ارب ڊالر رهيو.اسٽيٽ بئنڪ موجب هلندڙ مالي سال 2024ع جي پهرين اڌ ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 1.39 ڊالر رهيو.ڊسمبر 2024 ۾، ملڪ جي برآمدات 3.05 بلين ڊالر، درآمدات 4.77 بلين ڊالر، جڏهن ته واپاري خسارو 1.72 بلين ڊالر هو.اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان موجب هلندڙ مالي سال جي پهرين اڌ ۾ برآمدات 7 سيڪڙو کان وڌي 16.22 ارب ڊالر ٿي ويون ۽ مالي سال 2025ع جي پهرين اڌ ۾ درآمدات 9 سيڪڙو واڌ سان 27.74 ارب ڊالر ٿي ويون.اسٽيٽ بئنڪ جو اهو به چوڻ آهي ته هلندڙ سال جي پهرين اڌ ۾ واپاري خسارو 13 سيڪڙو جي اضافي سان 11.51 ارب ڊالر رهيو.

پهنجو تبصرو موڪليو