پيرس (ويب ڊيسڪ)ارجنٽائن جي دنيا جي مشهور فٽبالر ليونل ميسي بهترين رانديگر جو بالن ڊي اور ايوارڊ کٽي ورتو آهي، هن اهو ايوارڊ اٺون ڀيرو حاصل ڪيو آهي.فرانس جي راڄڌاني پيرس ۾ منعقد تقريب ۾ ليونل ميسي کي سال 2023 جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.ليونل ميسي گذريل سيزن ۾ 41 ميچن ۾ 21 گول ڪري ارجنٽائن کي 36 سالن ۾ ٽيون ڀيرو ورلڊ ڪپ 2022 کٽڻ ۾ مدد ڪئي. مشهور اسٽرائڪر ليونل ميسي ورلڊ ڪپ 2022 ۾ 7 گول ڪيا جڏهن ته 3 گولن ۾ پنهنجي ساٿين جي مدد ڪئي.ان کان علاوه ميسي آمريڪي فٽبال ڪلب انٽر ميامي کي هن سال پهريون ڀيرو ليگ ڪپ کٽائڻ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪيو، هن 14 ليگ ميچن ۾ 11 گول ڪيا.ٻئي طرف ليونل ميسي جي ارجنٽائن ٽيم جي رانديگر ايميليانو مارٽينز بهترين گول ڪيپر جي ياشن ٽرافي کٽي ورتي.اهڙي طرح انگلينڊ ۽ ريئل ميڊرڊ جي مڊ فيلڊر جوڊ بيلنگهم کي ڪوپا ايوارڊ سان نوازيو ويو.
