لنڊن (ويب ڊيسڪ)لنڊن ۾ برٽش پاڪستاني ڪرسچن ڪميونٽي طرفان جڙانوالا سانحي خلاف پاڪستاني هاءِ ڪميشن آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته سانحي جي جوابدارن کي گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏني وڃي.مانچسٽر ۾ پاڪستاني قونصليٽ ٻاهران به احتجاج ڪيو ويو، شهرين پاران جوابدارن کي سزا ۽ نقصان جي تلافي جو مطالبو ڪيو ويو.
