شھدادپور:(ن س) شھدادپور ۾ صوبائي گهرو وزيرضياءالحسن لنجار ۽ آء جي سنڌ غلام نبي ميمڻ پوليس ٽرينگ ڪاليج ۾ 50 ليڊيز ريڪروٽس سميت393 ريڪروٽ ڪورس جي تربيت مڪمل ڪندڙ ريڪروٽن جي 181 ھين پاسنگ آئوٽ پريڊ جي تقريب ۾ سلامي وٺڻ بعد پريڊ جو معائنو ڪري پاس ٿيندڙ جوانن کي حلف وفاداري جو حلف کڻائي بھترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ نوجوانن ۾ انعام تقسيم ڪيا،مذڪورہ پاسنگ پريڊ جي تقريب جي ڪوريج ڪرڻ لاء اليڪثرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا جي اڪثر مقامي ورڪنگ صحافين کي پھريون ڀيرو پري رکي مدعو نہ ڪيو ويو۽ ڪوريج لاء ڪجھ مخصوص صحافين کي گھرايو ويو ـ پاسنگ آئوٽ پريڊ ۾ صوبائي وزير شاھد خان ٿھيم سميت مختلف ريجن جي ڊي آءِ جيز، ايس ايس پيز سياسي سماجي شخصيتن شرڪت ڪئي آھي پاسنگ آئوٽ پريڊ کي صوبائي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار خطاب ڪندي چيو تہ سڀ کان پهريان، تربيت مڪمل ڪندڙن کي مبارڪون هجن.هن چيو ته شهيد بينظير آباد ڊويزن ۾ پوليس ٽريننگ ڪاليج شھدادپور بھتر جاء تي ٺاهيو ويو ڇاڪاڻ ته هتي جي موسم تمام سٺي آهي. موجوده حالتن ۾، اسان کي سخت محنت ڪرڻ ۽ پنهنجي وطن جي حفاظت ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي. پوليس عوام جي محافظ آهي، پوليس ڪنهن کان بہ گهٽ ناهي پوليس ٽريننگ ڪاليج شھدادپور ۾ 8000 نوجوانن کي ھاڻي مفت ميسنگ ڏني ويندي پوليس ٽريننگ ڪاليج ۾ جيڪي به مسئلا آهن، انهن کي فوري حل ڪنداسين ۽ هن ٽريننگ ڪاليج کي مثالي ٽريننگ ڪاليج بڻائيندا سين پوليس ٽريننگ ڪاليج شهدادپور کي جلد سولر سسٽم فراهم ڪيو ويندو نوجوانن لاءِ بهترين ڪارڪردگي ڏيکارڻ تي ضياءُ الحسن لنجارپاران ايوارڊ ڏيڻ جو پڻ اعلان ڪيو،آءِ جي سنڌ پوليس غلام نبي ميمڻ خطاب ڪندي چيو تہ پوليس ٽريننگ ڪاليج ۾ ريڪروٽ ڪانسٽيبل کان وٺي ڊي ايس پي تائين ڪورس ڪرايا ويندا آهن.پاڪستان جي چئن ئي صوبن جا نوجوان هتي تربيت حاصل ڪن ٿا پي ٽي سي محدود وسيلن جي باوجود نوجوانن کي تربيت ڏئي رهيو آهي. لوڊشيڊنگ 12 ڪلاڪ آهي، جنهن ڪري پي ٽي سي آپريشنز ۾ مسئلا پيدا ٿي رهيا آهن.










