ڪراچي(مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ حڪومت قيمتن جون لسٽون نه لڳائڻ وارن هٿيارن جي دڪاندارن جي خلاف ڪارروائي جو فيصلو ڪيو آهي. اسسٽنٽ ڊائريڪٽر بيورو آف سپلاءِ مير شاهنواز مطابق، صوبي ۾ هٿيار وڪرو ڪندڙن کي هڪ ئي قيمت مقرر ڪرڻي پوندي ۽ قيمتن جي فهرست لڳائڻي پوندي. سرڪاري حڪمن جي تعميل نه ڪندڙ ماڻهن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ دڪان سيل ڪيا ويندا. هن چيو ته صارفين جي تحفظ واري قانون تحت ڊيلر هٿيار ۽ ڌماڪيدار مادو جنهن قيمت تي وڪرو ڪندا آهن انهن جي فهرست ڏيکارڻ ضروري آهي. صارفين جي تحفظ واري ايڪٽ جي سيڪشن 18 ۾ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن ڪا به شيءِ وڪرو ڪئي وڃي ته ان جي قيمت لکڻ لازمي آهي. اسسٽنٽ ڊائريڪٽر بيورو آف سپلاءِ مير شاهنواز وڌيڪ چيو ته بيورو آف سپلاءِ پرائسز ڊپارٽمينٽ سرڪاري حڪمن تي عمل نه ڪرڻ تي سنڌ ڪنزيومر پروٽيڪشن ايڪٽ تحت عدالت ۾ شڪايت داخل ڪئي آهي. عدالت 13 مارچ جي تاريخ ڏني آهي. سنڌ ڪنزيومر پروٽيڪشن ايڪٽ 2014 جي سيڪشن 26 ۽ ٻين سڀني لاڳاپيل شقن تحت شڪايت داخل ڪرائي آهي.










