سنڌ واسي زائرين جي ايران ۾ بس ڪلٽي 35 سڙي فوت

تهران(ويب ڊيسڪ)ايران جي شهر يزد ۾ پاڪستاني زائرين جي بس کي حادثو پيش آيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ 35 زائرين فوت ٿي ويا آهن ۽ 15 زخمي آهن. ايراني ميڊيا موجب دشير تفتان چيڪ پوائنٽ جي سامهون زائرين جي بس ڪلٽي ٿي، جنهن کانپوءِ بس کي باهه لڳي وئي. ايراني ميڊيا موجب بس ۾ 50 زائرين سوار هئا، جن مان 15 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ايراني ميڊيا موجب امدادي ٽيمون بس مان زخمين ۽ فوتين جا لاش ڪڍي مختلف اسپتالن ۾ روانا ڪيا جتي ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي. ٻئي طرف مولانا قمر عباس نقوي جو چوڻ آهي ته سمورن زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، بس ۾ 14 عورتن سميت تقريبن 50 ڄڻا سوار هئا. مولانا قمر عباس نقوي موجب بس لاڙڪاڻي کان رواني ٿي هئي، مارجي ويلن جو تعلق لاڙڪاڻي ۽ گهوٽڪي سان ٻڌايو پيو وڃي. هوڏانهن بلاول ڀٽو، عمر ايوب، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ فريال ٽالپر ڌار ڌار جاري ڪيل بيانن ۾ واقعي تي افسوس ظاهر ڪندي فوتين جي پوئنرن سان ڏک جو اظهار ڪيو آهي.

ايران بس حادثو، فوتين جا لاش جلد کان جلد موڪليا ويندا: سفير

ايران ۾ پاڪستان جي سفير مدثر ٽيپو جو چوڻ آهي ته يزد حادثي ۾ مارجي ويلن جا لاش جلد کان جلد واپس موڪليا ويندا.ڳالهائيندي پاڪستاني سفير مدثر ٽيپو چيو ته تهران کان 700 ڪلوميٽر پري يزد ۾ حادثو پيش آيو، يزد لاءِ ايئر ٽڪيٽون موجود نه هيون، ان ڪري آفيسر ڪار ذريعي ويا.هن چيو ته جنهن بس ۾ حادثو پيش آيو ان ۾ 51 مسافر سوار هئا، حادثي جو سبب اوور اسپيڊنگ ۽ بس جي بريڪ فالٽ هئي، تيز رفتاري سبب بس اسڪول جي ڀت سان ٽڪرائجي وئي.مدثر ٽيپو جو چوڻ آهي ته يزد حادثي ۾ 28 پاڪستاني شهرين جي فوت ٿيڻ جي تصديق ٿي آهي، جڏهن ته 23 پاڪستاني زخمي آهن، ڪيترن ئي زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.پاڪستاني سفير جو چوڻ هو ته اطلاع ملندي ئي پاڪستاني سفارتخاني هنگامي بنيادن تي ڪم شروع ڪيو ۽ ايراني اختيارين سان رابطو ڪيو، ايراني پرڏيهي وزارت ۽ يزد جي مقامي حڪومت سان به رابطي ۾ آهن.سندن چوڻ آهي ته هو زخمين جي هر ممڪن مدد ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، زخمين جي مدد لاءِ تهران مان پاڪستاني سفارتي اهلڪار موڪليا ويا آهن.

پنجاب حڪومت ڏک جي هن گهڙي ۾ متاثر خاندانن سان گڏ آهي: مريم نواز

پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز بس حادثي ۾ زائرين جي فوت ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪندي زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.مريم نواز جو چوڻ آهي ته پنجاب حڪومت ڏک جي هن گهڙي ۾ متاثر خاندانن سان گڏ آهي.

سينيٽ چيئرمين جو پاڪستاني زائرين  جي فوت ٿيڻ تي افسوس جو اظهار

سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني ايران ۾ بس حادثي ۾ پاڪستاني زائرين جي فوت ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪندي مارجي ويلن جي وارثن سان تعزيت ڪئي. هن چيو ته ڏک جي هن گهڙي ۾ سوڳوار خاندانن جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهيان.سينيٽ چيئرمين حادثي ۾ فوت ٿيندڙن جي مغفرت جي دعا ڪندي چيو ته هو زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ به دعاگو آهن.ان کان علاوه ڊپٽي چيئرمين سينيٽ سيدال خان ان واقعي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو.

افسوسناڪ واقعي ۾ ڪيتريون ئي قيمتي جانيون ضايع ٿيون: گورنر سنڌ

سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري ايران بس حادثي ۾ مارجي ويل پاڪستاني زائرين تي افسوس جو اظهار ڪندي شهيدن جي مغفرت، درجن جي بلندي ۽ وارثن لاءِ صبر جي دعا ڪئي. هن چيو ته جن زائرين جي حالت نازڪ آهي انهن جو ايران ۾ علاج ڪرايو وڃي، پاڪستان حڪومت لاڳاپيل اختيارين سان رابطي ۾ آهي.

بس حادثي ۾ قيمتي انساني جانين جي ضايع ٿيڻ تي ڏک ٿيو آهي: گهرو وزير

وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ايران ۾ بس حادثي ۾ زائرين جي فوت ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته بس حادثي ۾ قيمتي انساني جانين جي ضايع ٿيڻ تي کيس تمام گهڻو ڏک آهي. محسن نقوي جو چوڻ آهي ته سموريون همدرديون مارجي ويلن ۽ زخمين جي وارثن سان آهن. گهرو وزير محسن نقوي مرحوم جي وارثن لاءِ صبر جي دعا ڪئي.

ايران ۾ سنڌ واسي زائرين جي حادثي جو شڪار ٿيل بس ۾ سوار ماڻهن جا نالا سامهون اچي ويا

ايران جي شهر يزد ۾ سنڌ واسي زائرين جي حادثي جو شڪار ٿيل بدنصيب بس ۾ سوار ماڻهن جا نالا سامهون اچي ويا دادو واسي غيور علي ميمڻ، عبدالوهاب ۽ ظهير عباس ميمڻ به زيارت لاءِ عراق ويندڙ بس ۾ سوار هئا، حادثي جو شڪار بس ۾ لاڙڪاڻي واسي 19 زائرن به سوار هئا  لاڙڪاڻي واسي زائرين ۾ علينا کوکر، محسن علي، آفاق احمد جوڻيجو، عبدالحليم ميمڻ، شمائله جتوئي، محبت علي لنڊ، سلما بيگم لنڊ، علي ڏنو ڪلهوڙو، سندس زال سبحان خاتون، عنبرين سيد ڌيءَ مدد علي شاهه، مسمات حسنه ميمڻ، بنده علي ڪنڀر، شعيب علي، صنم زال نادر علي، سيد اطهر حسين شمسي، حديقه ميمڻ، اقبال بانو ميمڻ، ذاڪر حسين ميراڻي ۽ محمد خان کوسو شامل  قمبر-شهدادڪوٽ ضلعي واسڻ رحمت خاتون مغيري، خالدا مغيري، عطاءُ الله مغيري، رابيل فريد کهاوڙ، مقدس ڌيءَ شيرمحمد ۽ نسيم اختر کهاوڙ به حادثي جو شڪار ٿي ويا  خيرپور واسي شعيب علي لاڙڪ، مجاهد علي لاڙڪ، جبار عباسي، صدام حسين خاصخيلي، آصف علي سرڪي، محمد بخش خاصخيلي، اعجاز علي مڱڻهار، ارم ناز، رخسانه پروين ۽ غلام زينب سولنگي به حادثي جو شڪار ٿيل زائرين ۾ شامل،  ڪشمور واسڻ ڪائنات ڌيءَ رستم، ڪريمان خاتون، رستم علي، ريمان ڌيءَ جميل احمد، ساديه زال آزاد ۽ سيرت عباس شاهه به حادثي جو شڪار ٿي ويو  نوابشاهه واسي شوڪت حسين کوکر، شڪارپور واسي خالد حسين ميمڻ، تنوير عباس ميمڻ ۽ غلام عباس به حادثي جو شڪار بس ۾ سوار هئا، ڄامشورو واسڻ پروين لنجار ۽ ڪراچي جي زرمينه قربان به زائرين جي بس ۾ سوار هئا

پهنجو تبصرو موڪليو