لاهور ۾ ميٽرن جي کوٽ برقرار، صارف ميٽرن کان محروم

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور اليڪٽرڪ سپلائي ڪمپني (ليسڪو) ۾ ميٽرن جي کوٽ جو مسئلو حل نه ٿي سگهيو، هزارين نوان ڪنيڪشن ۽ ناقص ميٽر اڃا تائين مٽائڻ جا منتظر آهن.ذريعن موجب گراهڪ ڪيترائي مهينا اڳ ايڊوانس رقم جمع ڪرائي چڪا آهن پر ميٽر ٺاهيندڙ اڃا تائين ميٽر فراهم نه ڪري سگهيا آهن.ذريعن جو چوڻ آهي ته نون ميٽرن جي قيمت به ٻيڻي ڪئي وئي آهي، صارف 12 رپين بدران 24 هزار رپيا ادا ڪندو، جڏهن ته ليسڪو جي دڪانن تي سنگل ۽ ٿري فيز ميٽر موجود ناهن.ليسڪو عملدارن موجب گهربل نوان ميٽر آرڊر ڪري ڇڏيا آهن، ميٽرن جي کوٽ جلد ختم ٿي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو