لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور ۾ مرغي جي گوشت جي اگهه ۾ گهٽتائي ٿي وئي آهي، شهر ۾ ڪڪڙ جو گوشت 498 رپيا في ڪلو آهي.مارڪيٽ ذريعن موجب ڪجهه ڏينهن دوران ڪڪڙ جي گوشت جي قيمت ۾ 70 رپين تائين گهٽتائي ٿي آهي.لاهور ۾ هڪ درجن انڊا 18 رپين جي گهٽتائي کانپوءِ 285 رپين ۾ مليا آهن.ذريعن موجب هول سيل مارڪيٽ ۾ کنڊ 159 رپيا في ڪلو وڪرو ٿي رهي آهي، جڏهن ته پرچون جي دڪانن تي کنڊ 166 کان 170 رپيا في ڪلو ملي رهي آهي.مارڪيٽ ذريعن جو چوڻ آهي ته چند ڏينهن ۾ چنا ۽ دال ماش جي قيمت ۾ 30 رپيا في ڪلو گهٽتائي ٿي آهي.10 رپين جي واڌ کانپوءِ وڏي ڊبل روٽي جو اگهه 230 رپيا ٿي ويو آهي، جڏهن ته ننڍي ڊبل روٽي جو اگهه به 10 کان 130 رپيا وڌي ويو آهي.
