لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور ۾ بسنت تي ايئرپورٽ جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ پتنگ بازي تي پابندي لڳائي وئي آهي.انتظاميا پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، ايئرپورٽ جي چوڌاري ٽيڪ آف ۽ لينڊنگ وارن علائقن ۾ پتنگ بازي تي پابندي هوندي.نوٽيفڪيشن موجب، نادرا آباد، گلشن علي ڪالوني، نشاط ڪالوني ۽ ڀٽا چوڪ جي علائقن ۾ پتنگ بازي تي پابندي هوندي.نوٽيفڪيشن موجب، ڊي ايڇ اي جي بلاڪ آر، ايس، پي ۽ ڪيو ۾ به پتنگ بازي تي پابندي هوندي.الفيصل ٽائون، جوجل پل، تاجپورا ۽ تاجپورا سان ملحق ڪينال روڊ ۾ به پتنگ بازي تي پابندي لڳائي وئي آهي.ياد رهي ته پنجاب حڪومت 6 کان 8 فيبروري تائين لاهور ۾ بسنت ملهائڻ جو اعلان ڪيو آهي. شهرين پاران پتنگ بازي جي خريداري زور شور سان جاري آهي.










