لاهور (ويب ڊيسڪ)پنجاب صوبي جي شهر لاهور ۽ ان جي چوڌاري اسموگ ۽ ماحولياتي آلودگي هڪ ڀيرو ٻيهر خطرناڪ حد تائين وڌي وئي آهي.سموگ کي نظر ۾ رکندي طبي ماهرن شهرين کي ماسڪ پائي گهرن کان ٻاهر نڪرڻ جي صلاح ڏني آهي.ٻئي طرف انتظاميا پاران ماحولياتي گدلاڻ ڪندڙن خلاف ڪارروايون پڻ جاري آهن.اسسٽنٽ ڪمشنر چيو آهي ته سموگ پيدا ڪندڙ ڀٽن جي مالڪن تي ڏنڊ وڌو پيو وڃي.هن اهو به ٻڌايو ته ان سلسلي ۾ هڪ ڀٽي کي سيل ڪري ان جي مالڪ خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.پنجاب صوبي جي راڄڌاني لاهور هڪ ڀيرو ٻيهر دنيا جو آلودگي وارو شهر بڻجي ويو آهي.عالمي ماحولياتي ويب سائيٽ ايئر ڪوالٽي انڊيڪس موجب اڄ صبح لاهور جي هوا ۾ 401 پارٽيڪيوليٽ ميٽر آلودگي رڪارڊ ڪئي وئي آهي.هندستاني شهر نئين دهلي ٻئي نمبر تي آلودگي وارو شهر آهي جنهن ۾ هوا جي آلودگي 369 پارٽيڪيوليٽ ميٽر رڪارڊ ڪئي وئي آهي.ان لسٽ ۾ عراقي راڄڌاني بغداد 179 پارٽيڪيوليٽ ميٽرن سان چوٿين نمبر تي آهي.اهڙي طرح پاڪستان جو سڀ کان وڏو شهر ڪراچي هن لسٽ ۾ چوٿين نمبر تي آهي.ڪراچي جي هوا ۾ آلودگي 170 ميٽرڪ ميٽر رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
