لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور ۾ ڪڻڪ جي اگهه ۾ واڌ سبب ڪجهه فلور مل مالڪن اٽي جو اگهه وڌائي ڇڏيو.مارڪيٽ ذريعن موجب اٽي جي 20 ڪلو ٿيلهي جي قيمت ۾ 100 رپيا واڌ ڪئي وئي آهي، اٽي جو ٿيلهو 2650 کان 2750 رپيا ٿي ويو آهي.ان حوالي سان فلور ملز مالڪن جو چوڻ آهي ته ڪڻڪ جو اگهه 4300 رپين مان وڌي 4700 رپيا ٿي ويو آهي.فلور ملز مالڪن جو چوڻ آهي ته پنجاب حڪومت ملن کي سرڪاري ڪڻڪ جاري ناهي ڪئي، سرڪاري ڪڻڪ جي اگهه ۾ دير ٿيڻ سبب اٽي جو اگهه وڌي ويو آهي.
