لانڍي ۾ ٽرالر جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر، سوار فوت

لانڍي ۾ ٽرالر جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر، سوار فوت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ تيز رفتار ٽرالر جي ٽڪر ۾ فوتگين جو سلسلو جاري آهي، هڪ تيز رفتار ٽرالر هڪ ٻيو خاندان فوت ڪري ڇڏيو.ڪراچي ۾ لانڍي انڊسٽريل ايريا روڊ تي هڪ موٽرسائيڪل سوار کي ٽريڪٽر ٽرالي سان ٽڪرائجي ويو.ريسڪيو ذريعن موجب موٽرسائيڪل تي ٻه ماڻهو سوار هئا، جن مان هڪ موقعي تي ئي فوت ٿي ويو جڏهن ته ٻيو زخمي ٿي پيو. حادثي کان پوءِ ٽريلر ڊرائيور فرار ٿي ويو.ياد رهي ته هن سال ٽرئفڪ حادثن ۾ 140 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن، جڏهن ته 1,900 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو