اپوزيشن جو وڏو اپ سيٽ، يوسف رضا گيلاني ڪامياب

اپوزيشن جو وڏو اپ سيٽ، يوسف رضا گيلاني ڪامياب

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پنجاب کانسواءِ قومي اسمبلي ۽ ٽن صوبن ۾ سينيٽ جي 37 سيٽن لاءِ قومي ۽ صوبائي اسمبلين ۾ ووٽنگ ختم حڪومت کي وڏو ڌچڪو سيد يوسف رضا گيلاني حفيظ شيخ کي شڪست ڏئي سينيٽر چونڊجي ويو. ٽوٽل 340 ووٽ ڪاست ٿيا، 7 ووٽ رد ٿيا، يوسف رضا گيلاني 169 ۽ حفيظ شيخ کي 164 ووٽ مليا. عورتن جي سيٽ تي تحريڪ انصاف جي فوزيا ارشد 174 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ۽ سندس مقابلي ۾ مسلم ليگ (ن) جي اميدوار فرزانا ڪوثر هارائي وئي. قومي اسبلي ۾ زين قريشي ٻيهر ڳڻپ ڪرائي ته به هو هارائي ويو. قومي اسمبلي ۾ 342 ميمبر آهن ڊسڪا واري سيٽ تي ننڍي چونڊ رهيل آهي باقي 341 ميمبرن مان 340 ووٽ ٿي چڪا آهن جماعت اسلامي جو عبدالاڪبر چترالي ناهي پهتو.

Leaders casting votes in Senate, Photo Sindhyar

ڪشميرڪميٽي جي چيئرمين شهريار آفريدي بيلٽ پيپر تي صحيح ڪئي ته سندس ووٽ ضايع ٿي ويو، زرتاج گل سميت ڪل 7 ووٽ رد ٿيا. هن ٻيهر ووٽ لاءِ درخواست ڏني جيڪا اليڪشن ڪميشن رد ڪري ڇڏي. رٽرننگ آفيسر چيو ته مولانا چترالي ووٽ ڪري به وڃي ته به 5 وڳي تائين اسانکي ويهڻو آهي. بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه حڪومتن اپوزيشن وارن کي ٻه ٻه سيٽون ڏيڻ جي پيشڪش ڪئي جيڪا اپوزيشن قبول نه ڪئي. سنڌ ۾ پي ٽي آءِ جي ڪجهه ميمبرن پارٽي خلاف ووٽ ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو.قومي اسمبلي ۾ حڪومت کي 181 ميمبرن جي حمايت حاصل آهي، اپوزيشن کي بظاهر 160 ميمبرن جي حمايت آهي. اپوزيشن جي دعويٰ آهي ته کين حڪومتي ميمبرن جي به حمايت حاصل آهي. فيصل واوڊا صبح جو سوا نائين وڳي ووٽ ڪاسٽ ڪيو جنهن بعد اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ نا اهلي ڪيس ۾ هن استعيفيٰ جمع ڪرائي. جنهن تي اپوزيشن وارن چيو ته هي دوکو آهي هو ووٽ نٿو ڏئي سگهي. آصف علي زرداري کي بيلٽ پيپر مليو ته هن جا هٿ ڏڪي رهيا هئا ۽ غلطي سان انگ وڏو ٿي ويو جنهن بعد کيس ٻيهر بيلٽ پيپر جاري ڪيو ويو ۽ هن ووٽ ڪاسٽ ڪيو. وزيراعظم به صبح جلدي ووٽ ڪاسٽ ڪري هليو ويو. سيد خورشيد شاهه، خواجا آصف ۽ ميان شهباز شريف کي جيل مان آندو ويو ووٽ ڏيڻ لاءِ، سندن پروڊڪشن آرڊر اليڪشن ڪميشن جاري ڪيا هئا. ياد رهي ته پنجاب ۾ 11 سينيٽر بنا مقابلي ڪامياب ٿي چڪا آهن جن مان 5 مسلم ليگ (ن) ۽ 5 پي ٽي آءِ ۽ هڪ سيٽ مسلم ليگ (ق) کي ملي هئي. ٻين صوبن ۾ نتيجا اچي رهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو