ڪراچي/ اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سنڌ سميت سڄي ملڪ جي عوام کي سنڌي ثقافتي ڏهاڙي جون واڌايون ڏنيون آهن.ميڊيا سيل بلاول هائوس پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب، پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته سنڌ جي سدا بہار ثقافت دنيا جي قديم ترين ۽ خوبصورت تهذيبن مان هڪ آهي، جنهن جو مرڪز موھن جو دڙو آهي. هن چيو ته سنڌ جا ماڻهو تاريخي طور پر امن، رواداري پسند ۽ محب وطن هجڻ سان گڏوگڏ فن ۽ فطرت سان محبت ڪندڙ رهيا آهن.چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته گهڻ ثقافت اسان جي معاشري جو حسن ۽ دنيا لاءِ اسان جي قومي ايڪتا جو بي مثال نمونو آهي. بامقصد ثقافتي سرگرميون سماج ۾ نفرت، تقسيم ۽ انتهاپسندي لاءِ زهر آهي، جڏهن ته رواداري ۽ سماجي هم آهنگي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ امرت آهي. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي ملڪ جي سمورين ثقافتن کي برابري واري اهميت ۽ درجو ڏيڻ ۾ يقين رکي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته پنهجي قابل فخر قديم تهذيب ۽ خوبصورت ثقافت کي عالمي سطح تي اجاگر ڪري دنيا ۾ پاڪستان جو مثبت چهرو پيش ڪرڻ پاڪستان پيپلز پارٽي جو منشور آهي.










