قرآن جي هڪ هڪ حروف کي پڙهيو،آئيني وانگر شفاف ۽ صاف آهي

لنڊن (ويب ڊيسڪ)هالي ووڊ اسٽار ول سمٿ قرآن پاڪ کي آئيني وانگر شفاف قرار ڏيندي چيو آهي ته ان کي دل سان پڙهڻ سان غلط فهمي دور ٿي ويندي آهي. تازو ئي پوڊ ڪاسٽ“ پروگرام ۾ هڪ انٽرويو دوران ول سمٿ هڪ حيرت انگيز انڪشاف ڪندي چيو ته ”گذريل ٻه سال منهنجي لاءِ مشڪل وقت هئا، جنهن دوران مون روحانيت جي ڳولا تي ڌيان ڏنو ۽ مون سمورا مقدس ڪتاب پڙهيا. ”هي وٺ، منهنجي زندگيءَ جو اهو دور هو جڏهن مون پنهنجي دل کي جيترو ٿي سگهي وڌائڻ چاهيو هو.ول سمٿ جو چوڻ هو ته ”مون کي سادگي پسند آهي، گذريل سال مون قرآن پاڪ جو خط حروف سان پڙهيو هو، قرآن شريف آئيني وانگر بلڪل صاف ۽ شفاف آهي“. جڏهن کانئس پڇيو ويو ته هن قرآن پاڪ پڙهڻ کان پوءِ ڇا دريافت ڪيو؟ ان تي ول سمٿ چيو ته ”ڪاش مان توهان کي ٻڌائي سگهان ها ته موسيٰ جو ڪيترو ذڪر مقدس ڪتاب ۾ آهي، مون قرآن ۾ موسيٰ ۽ سندس تجربن بابت پڙهيو آهي“هالي ووڊ اداڪاره چيو ته قرآن شريف ۾ حضرت موسيٰ عليه السلام جو ذڪر ڪيترا ڀيرا آيو آهي، مان حيران ٿي ويس، حضرت موسيٰ جي ڪهاڻي ۽ ان جي تجربي مان ڏاڍو متاثر ٿيو.انٽرويو دوران ول سمٿ انڪشاف ڪيو ته مون قرآن پاڪ کان علاوه يهوديت ۽ عيسائيت جا به مقدس ڪتاب پڙهيا ۽ حيرت ٿي ته 3 مقدس ڪتاب قرآن، توريت ۽ بائيبل ڪيئن هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن. توريت کان بائيبل ۽ پوءِ قرآن شريف، مون کي حيرت ٿي ته اهي ٽيئي هڪ ئي ڪهاڻي آهن. حضرت ابراهيم عليه السلام نبين جو پيءُ هو ۽ ان جي اولاد مان حضرت اسماعيل عليه السلام ۽ حضرت اسحاق عليه السلام آهن، ان سلسلي جي نبوت جي پوري تصوير کي سمجهڻ تمام خوبصورت هو.

پهنجو تبصرو موڪليو