قتل ڪيس جي ٻن جوابدارن کي عمر قيد ۽ ڏنڊ جي سزا

ميرپور ماٿيلو(ن س) قتل جي ڪيس ۾ ٻن ڀائرن کي ايڊيشنل سيشن جج سميع اللله قريشي جي عدالت عمر قيد ۽ ڏهه ڏهه لک ڏنڊ جي سزا ٻڌائي آهي. جوابدار صدام لنڊ ڀاءُ نياز لنڊ سان گڏجي پنهنجي زال مسمات سگهڙ کي 2021 ۾ قتل ڪيو هو. داد لغاري ٿاڻي تي داخل ڪيس جي ٻڌڻي بعد عدالت اڱاري ڏينهن فيصلو ٻڌايو. جوابدار صدام لنڊ اڳ ۾ ئي جيل ۾ آهي. عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته ڏنڊ نه ڀرڻ جي صورت ۾ جوابدار 6 مهينا اضافي قيد ڪاٽيندا.

پهنجو تبصرو موڪليو