ڌرڻو ڪيس، فيصلي تي عمل ۽ ذميوارن جي تعين لاءِ ڪميٽي قائم

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وفاقي حڪومت فيض آباد ڌرڻي ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عملدرآمد لاءِ 3 رڪني انڪوائري ڪميشن جوڙي ڇڏي آهي.فيض آباد ڌرڻي ڪيس جي فيصلي تي عملدرآمد لاءِ جوڙيل انڪوائري ڪميشن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.وفاقي حڪومت ريٽائرڊ آءِ جي اختر علي شاهه جي سربراهي ۾ انڪوائري ڪميشن جوڙي ڇڏي آهي، ٽي رڪني ڪميشن ۾ اڳوڻو آءِ جي طاهر عالم ۽ ايڊيشنل سيڪريٽري گهرو خوشحال خان به شامل آهن. ٽي او آرز سميت ٻيا تفصيل مليا، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته انڪوائري ڪميشن قائم ٿيڻ جي 2 مهينن اندر پنهنجي رپورٽ پيش ڪندي، انڪوائري ڪميشن ٽي ايل پي جي غير قانوني فنانسرز جي جاچ ڪندو، ڪميشن فيض آباد ڌرڻي جي حق ۾ بيان ۽ فتويٰ ڏيندڙن خلاف ڪارروائي جي سفارش ڪندي. نوٽيفڪيشن موجب انڪوائري ڪميشن طئي ڪندو ته ڪنهن سرڪاري آفيس هولڊر قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي يا نه، انڪوائري ڪميشن فيض آباد ڌرڻي جي ذميوارن خلاف ڪارروائي جي سفارش ڪندي.ان کان علاوه ڪميشن آف انڪوائري ڪيبل آپريٽرز ۽ براڊڪاسٽرز خلاف پيمرا ضابطن جي ڀڃڪڙي جي جاچ ڪندي. ڪميشن ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي نفرت ۽ تشدد جي پکيڙ کي روڪڻ لاءِ جاچ ڪندي ۽ سفارشون ڏيندو.سرڪاري اعلان موجب ڪميشن فيض آباد ڌرڻي ۾ انٽيليجنس ايجنسيون، سرڪاري ملازم يا فرد ملوث آهن يا نه ان جو اندازو لڳائيندو، ڪميشن ڌرين، ريليون، احتجاجن کي منهن ڏيڻ لاءِ پوليس، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي به تجويزون ڏيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو