فيصل آباد (ويب ڊيسڪ)فيصل آباد جي علائقي کهرانوالا ويجهو بس ۽ ڪار وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا فوت ۽ 8 زخمي ٿي پيا.ريسڪيو ذريعن موجب بس جي ٽڪر ۾ ڪار ۾ سوار 4 ڄڻا فوت ٿي ويا.ريسڪيو ذريعن موجب بس بي قابو ٿي ٽريڪٽر ٽرالي سان ٽڪرائجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ بس ڊرائيور فوت ٿي ويو.
