لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان شوبز انڊسٽري جي مشهور ۽ تڪراري اداڪار فيروز خان پنهنجي نئين ڊرامي ”خمر“ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.سوشل ميڊيا پليٽ فارم انسٽاگرام تي وائرل وڊيو ۾ اداڪار فيروز خان پنهنجي چيو ته سيونٿ اسڪائي جي تعاون سان نئين ڊرامي ”خمار“ جو اعلان ڪيان ٿو ۽ چيو ته هو ان ڊرامي جي شوٽنگ ۾ مصروف آهي.سوشل ميڊيا پيجز تي ذريعن موجب فيروز خان هن ڊرامي ۾ خابرو اداڪاره نيلم منير سان گڏ هوندو، جڏهن ته هن ڊرامي جو ڊائريڪٽر علي فيضان آهي.
