فوڊ فرنچائيز کي باهه ڏيڻ  جي ڪيس ۾ 14 جوابدارن جو رمانڊ منظور

فوڊ فرنچائيز کي باهه ڏيڻ جي ڪيس ۾ 14 جوابدارن جو رمانڊ منظور

ميرپورخاص:(ن س) ميرپورخاص ۾ وڳوڙ ڪري عالمي فوڊ چين جي فرنچائز کي باھ ڏيڻ ۽ پوليس مٿان فائرنگ ۽ پٿراءُ ڪرڻ جو ڪيس دھشتگردي ايڪٽ تحت داخل، 14 جوابدار عدالت ۾ پيش، 7 ڏينھن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو، ميرپورخاص ۾ گذريل رات فلسطين جي حق ۾ ريلي ڪڍي بعد ۾ حيدرآباد روڊ تي موجود انٽرنيشنل فوڊ چين جي ھڪ فرنچائز کي باھ ڏئي ساڙڻ، اتان ڦرلٽ ڪرڻ ۽ پوليس مٿان فائرنگ ۽ پٿراءُ ڪرڻ ڪيس ۾ گرفتار جوابدارن زبير پٺاڻ، شارخ، حمزا، اُساما، محمد الياس، شھر يار، رئيس قريشي، ثاقب، محمد امجد، آصف علي، عبدالسلام، ارباز سانڀري، دلشاد شيخ ۽ شاھزيب کي ميرپورخاص جي دھشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جتان عدالت سڳوري کين 7 ڏينھن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. وڳوڙي ڪاررواين واري واقعي بابت ٽائون ٿاڻي تي سرڪار جي مدعيت داخل ڪيل ڪيس ۾ 30 سڃاتل ۽ 170 اڻسڃاتل جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آھي، جن مان پوليس 14 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آھي، جڏھن ته باقي سڃاتل جوابدارن ۾ نجيب اللھ خاصخيلي، حافظ ذڪريا، ياسر، طلحا، احسن علي، محمد مسعود عباس، مُلان لطيف، سھيل، احمد لاشاري، سيف اللھ، مانو، نقاش، اسد پٺاڻ، ولي خان پٺاڻ، محمد عمر، سيف علي اڃا گرفتار ناھن ٿي سگھيا. پوليس پاران داخل ڪيل ايف آءِ آر ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آھي تھ مٿين جوابدارن مان ڪجھ جي ھٿن ۾ پسٽل ھئا، جڏھن تھ ڪجھ جي ھٿن ۾ لوھي سريئا، بانس جا ڏنڊا ۽ پٿر ھئا، جن سان ھنن ٽوڙ ڦوڙ ڪئي ۽ روڪڻ تي پوليس مٿان پٿراءُ ڪيو ۽ فائرنگ پڻ ڪئي. واضح رھي تھ گذريل رات وڳوڙين پوليس جي گاڏين تي پٿراءُ ڪيو، پوليس جي ھڪ موٽر سائيڪل کي ساڙيو ويو ھو، جڏھن تھ باس وسائڻ لاءِ آيل فائربرگيڊ کي پڻ وڳوڙين پٿر ھڻي ان جا شيشا ڀڃي ڇڏيا ھئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو