فوجي عدالتن ۾ ٻڌڻي، معاملو وري پروسيجر ڪميٽي حوالي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)نائن مئي واقعن ۾ ملوث سويلين جوابدارن جو ڪيس فوجي عدالتن ۾ هلائڻ بابت ڪيس سپريم ڪورٽ ٻيهر پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪميٽي حوالي ڪري ڇڏيو. عدالت چيو آهي ته ڪميٽي طئي ڪري ته هي 6 رڪني بينچ وڌيڪ ٻ+ڻي ڪري يا لارجر بئنڪ ڪيس ٻڌي. سپريم ڪورٽ جي جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ 6 رڪني لارجر بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ عدالت اهم درخواستگذارن جي اعتراضن کانپوءِ معاملو پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪميٽي حوالي ڪري ڇڏيو. ٻڌڻي دوران جسٽس مسرت هلالي اعتزاز احسن سان دلچسپ مڪالمو ٿيو اعتزاز احسن چيو ته سپريم ڪورٽ جڏهن ڪو معاملو طئي ڪري ته ان کي ٻيهر نٿو ڇيڙي سگهجي. شير کي پنهنجي طاقت جي خبر ناهي هوندي. اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته 29 جوابدارن کي عيد کان اڳ آزاد ڪيو ويو هو. جنهن تي اعتزاز احسن چيو ته انهن کي سزا يافتا قرار ڏئي ڇڏيو ويو هو ۽ اڃا هو لڪندا ٿا وتن. هن عدالت کي درخواست ڪئي ته فوجي عدالتن جيڪي فيصلا ڪيا آهن انهن 20 جوابدارن بابت ان کي هن ڪيس جي رڪارد جو حصو ٺاهيو. جنهن جي جسٽس ساهد وحيد تائيد ڪندي چيو ته بالڪل اها خبر ته پوي ته ترائل ڪهڙي نموني ٿيو آهي. عدالت اهي فيصلا طلب ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ياد رهي ته سپريم ڪورٽ 23 آڪٽوبر تي سويلين جا ڪيس فوجي عدالتن ۾ هلائڻ کي عير آئيني قرار ڏنو هو. جنهن بعد حڪومت ان فيصلي خلاف انٽرا ڪورٽ اپيل ڪئي هئي. جنهن جي ٻڌڻي جسٽس طارق مسعود جي سربراهي ۾ بيئنچ ڪئي هئي، جنهن 23 آڪٽوبر جي فيصلي تي عمل روڪيندي معاملو پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪميٽي کي موڪليو هو ته لارجر بينچ ٺاهي وڃي. جنهن بعد 6 رڪني لارجر بئنچ ٺاهي وئي، جنهن وري معاملو ڪميتي کي موڪليو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو