فريال ۽ ايسراڻي پاران نظر ثانيءَ درخواست داخل

فريال ۽ ايسراڻي پاران نظر ثانيءَ درخواست داخل

سکر(بيورو رپورٽ) پ پ ايم پي اي فريال ٽالپر ۽ گيانچند ايسراڻي ميمبر شپ جي بحالي لاءِ سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر ۾ وڪيل معرفت فيصلي تي نظر ثانيءَ لاءِ درخواست داخل ڪرائي ورتي، عدالت درخواست ٻڌڻي جوڳي قرار ڏيندي ٻڌڻي 31 مارچ تي مقرر ڪري ڇڏي. پ پ ايم پي اي فريال ٽالپر ۽ گيانچند اسيراڻي پاران سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر بيئنچ طرفان ميمبر شپ معطل ڪرڻ واري فيصلي  نظر ثاني جي نامور وڪيل قربان ملاڻو معرفت اپيل داخل ڪرائي ڇڏي آھي. عدالت درخواست کي ٻڌڻي جوڳو قرار ڏيندي 31 مارچ تي ٻڌڻي مقرر ڪري ڇڏي آھي. وڪيل قربان علي ملاڻو  سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر بئنچ ۾ داخل ڪيل درخواست ۾ ايم پي ايز موقف اختيار ڪيو آھي ته عدالت جي حڪم جي انحرافي ناهي ڪئي، ڪتن جي چڪڻ وارن واقعي بابت ڪورٽ جو نوٽيس نه مليو هو ان ڪري اسان کي ٻڌو وڃي ۽ اسان جي ميمبرشپ بحال ڪئي وڃي. ياد رهي ته عدالت ڪتن جي چڪڻ وارن واقعن تي ڪنٽرول نه ٿيڻ تي ٻه ايم پي ايز جي رڪنيت معطل ڪندي اليڪشن ڪميشن کي معطلي لاءِ چيو هو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو