فرقيواراڻي شدت پسندي جو اهم جوابدار ڪراچي مان گرفتار

فرقيواراڻي شدت پسندي جو اهم جوابدار ڪراچي مان گرفتار

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) پاران سولجر بازار ۾ ڇاپو هڻي ايران نواز پابندي مڙهيل تنظيم زينبيون برگيڊ جي هڪ شڪي شدت پسند سيد محمد موسيٰ رضوي عرف ڪامران کي گرفتار ڪري ورتو آهي. سي ٽي ڊي پاران جاري ڪيل بيان موجب پڇا ڳاڇا دوران هن 5 سيپٽمبر 2023 تي تيموريه جي علائقي ۾ فرقيوارانه مخالفت سبب قاري خرم، محمد مدني ۽ نعيم خان کي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آهي. ياد رهي ته گّريل سال جنوري ۾ ايران سان ڇڪتاڻ بعد پاڪستان هن تنظيم تي پابندي مڙهي هئي. جڏهن ته آمريڪا هن تنظيم کي 2019 ۾ دهشتگرد ڊڪليئر ڪيو هو. جوابدار جي بيان موجب هن مبينا ٽائون ۾شير خان ۽سچل ۾ جنت گل نامي شخص کي 2023 ۾ قتل ڪرڻ ۽ سمن آباد جي حد ۾ سيد محمد ابو هاشم کي گذريل سال نومبر ۾ قتل ڪرڻ جو به اقرار ڪيو آهي. ان کان اڳ پاڪستان رينجرز 3 خارجي دهشتگردن کي به گرفتار ڪيو هو. زيمبيون نالي تنظيم شام ۽ لبنان ۾ به شدت پسند ڀرتي ڪري موڪليندي رهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو