فراڊ ڪيس جو جوابدار گرفتار، عدالت ۾ پيش

ڪنڌڪوٽ(رپورٽ امداد بنگو) پوليس جي ڪامياب ڪاروائي ڪراچي شهر جي نالي واري فراڊي شخص امير علي مغل کي گرفتار ڪري ورتو. سي سيڪشن انچارج S.H.O سڪندر علي پنهور ۽ ان جي ٽيم جي گڏيل ڪاروائي ۾ امير علي ولد محمد صادق مغل کي گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو ، ملزم خلاف سينئر وڪيل دريا خان بنگوار ڪجھ ڏينهن اڳ سي سيڪشن ٿاڻو ڪنڌڪوٽ ۾ ايف آء آر داخل ڪرائي هئي، جيڪو گناھ نمبر 148/2021 انڊر سيڪشن F.489 تحت ڪيس داخل ڪيو هو، ياد رهي ته انهي شخص صحافي ديدار علي کي به ڪو نه بخشيو ۽ 10 لک جو فراڊ ڪيو ۽ ٻين ڪافي ماڻهن کان ملزم امير علي ۽ ان جي پيء محمد صادق مغل گڏجي فراڊ ڪيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو