اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) فرانس جي مشهور ’رينس اسڪول آف بزنس‘ جي وفد پاڪستاني تعليمي ادارن سان تحقيقي تعاون لاءِ معاهدا ڪيا آهن. جن ۾ نسٽ، لمز، ڪنيئرڊ وومين ڪاليج ۽ سپيريئر يونيورسٽي شامل آهن. ٿامس فروليهر، ڊي جي يونيورسٽيز ۽ پولين ڪوجن، پاڪستان لاءِ انٽرنيشنل ڊولپمينٽ مئنيجر تي مشتمل وفد نومبر ۾ ’چوز فرانس ايجوڪيشن فيئر‘ ۾ شرڪت لاءِ پاڪستان جو دورو ڪيو هو ۽ هاڻي هي سندن فالو اپ دورو آهي.

اسلام آباد ۾ قائم فرانسيسي سفارتخاني پاران جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته رينس اسڪول آف بزنس 2023 جي پاڪستان ۾ قائم سفارتخاني جي اسڪالرشپ پروگرام جو حصو پڻ آهي. تفصيل هن ويب سائيٽ تي ڏسي سگهجن ٿا. https://www.pakistan.campusfrance.org/ ڊي جي ٿامس فريليچر مطابق، “رينز اسڪول آف بزنس هڪ منفرد ملٽي ڪلچرل بزنس اسڪول آهي.

جيڪو 1990 ۾ پنهنجي بنياد کان وٺي روزانو 90 کان وڌيڪ دنيا جي مختلف قومن جي شاگردن کي انگريزي ۾ ڀليڪار ڪندي تعليم ڏئي ٿو. سندس چوڻ آهي ته آڪٽوبر 2023 ۾ ڪراچي ۽ لاهور ۾ ايجوڪيشن ميلو منعقد ڪيو ويندو جنهن ۾ هي وفد وري واپس ايندو.

ياد رهي ته فرانس جي هن بزنيس اسڪول جي دنيا جي 5 کنڊن جي 350 يونيورسٽين سان پارٽنر شپ آهي. پاڪستان ۾ فرانس جي ايجوڪيشن اتاشي سبين ورليئي Sabine Vermillardجو چوڻ آهي ته فرانس جي تعليمي ادارن کي پاڪستان ۾ آڻڻ شروع ۾ هي هڪ وڏو چيلينج هو پر اهو ممڪن ٿيو ۽ اسين درست سمت ۾ وڌي رهيا آهيون.










