فتح تعداد نه پر همت ۽ عزم سان ملندي آهي، ترجمان

فتح تعداد نه پر همت ۽ عزم سان ملندي آهي، ترجمان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل بابر افتخار چيو آهي ته وقت آيو ته هر چيلينج جو جواب وڏي طاقت سان ڏنو ويندو، 27 فيبروري 2019 ڏينهن جي مناسبت سان جاري ڪيل بيان ۾ ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو آهي ته اهو ڏهاڙو ِهن ڳالهه جو ثبوت آهي ته پاڪ فضائيه قوم جي سهڪار سان هر قسم جي خطرن سان وطن عزيز جو دفاع ڪندي. ميجر جنرل بابر افتخار جو چوڻ هو ته تعداد نه پر عزم قوم جي همت ۽ حوصلو ئي آهي جيڪا فتح ڏيئي ٿي. هن چيو آهي ته پاڪستان امن چاهي ٿو پر وقت آيو ته هر چيلينج جو جواب ڀرپور قوت سان ڏنو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو