فاروق جا الزام رد،بيان سياسي شعبدي بازي آهي،شرجيل ميمڻ

فاروق جا الزام رد،بيان سياسي شعبدي بازي آهي،شرجيل ميمڻ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمن فاروق ستار جي الزامن کي رد ڪندي چيو آهي ته ڊاڪٽر فاروق ستار جو ڳاڻيٽو سياست جي وڏن مدارين ۾ ٿيندو آهي، فاروق ستار جا الزام حقيقت کان وڌيڪ سياسي شعبدي بازي آهن۔ هڪ بيان ۾ سنڌ جي سينيئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمن چيو آهي ته سنڌ سرڪار کي غير ضروري تنقيد جو نشانو بڻائڻ کان اڳ فاروق ستار کي حقيقتن ۽ انگن اکرن جو اڀياس ڪرڻ گهرجي ها، سنڌ سرڪار گذريل پنجن سالن ۾ 160 ارب رپين کان وڌيڪ رقم رھتن ۽ پينشن جي مد ۾ ادائيگيون ڪيون آهن۔هن چيو ته ڪي ايم سي، ڪي ڊي اي ۽ واٽر بورڊ خودمختار ادارا آهن، جيڪي پنهنجي مالي ذميوارين جا پاڻ ذميوار آهن، رڳو ڪراچي جي مڪاني ادارن کي سنڌ سرڪار گذريل سال 20 ارب رپين جي لڳ ڀڳ واڌو گرانٽ ڏني ته جيئن اهي مالي بحران مان نڪري سگھن. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مڪاني ادارن جي مسئلن جو اصل ڪارڻ ماضي ۾ ايم ڪيو ايم جي ناقص حڪمراني ۽ ڪرپشن آھي، 2017 کان اڳ بھ مڪاني ادارا ايم ڪيو ايم وٽ ھُئا، پر بدقسمتي سان انھن ادارن کي مالي ۽ انتظامي تباھي ڏانھن ڌڪيو ويو، ايم ڪيو ايم جي سرپرستي ۾ ڪي ڊي اي، ڪي ايم سي، واٽر بورڊ ۽ ٻين ادارن ۾ وڏي پيماني تي ڪرپشن ڪئي وئي، جعلي ڀرتيون ڪيون ويون ۽ وسيلن جو غلط استعمال ڪيو ويو، اڄ ھي ادارا جن مالي مشڪلاتن جو شڪار آھي، اُھي ايم ڪيو ايم جي اڳوڻي لُٽ مار جو نتيجو آھن. ھن چيو تھ فاروق ستار دعويٰ ڪري رھيو آھي تھ 80 سيڪڙو رھتون سنڌ سرڪار جي ذمي آھي، جيڪا سراسر غلط آھي، مڪاني ادارا خودمختيار آھن ۽ سندن پينشن فنڊز ۽ مالياتي معاملا انھن جي پنھنجي دائري ۾ اچن ٿا، سنڌ سرڪار ڪيترن ئي موقعن تي مڪاني ادارن جي مدد ڪئي، پر ھي ادارا ايم ڪيو ايم جي دور حڪومت ۾ پاڻ کي مالي طور تي مستحڪم ڪرڻ ۾ ناڪام رھيا. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ سنڌ ۾ نوڪريون آئيني ۽ قانوني طريقيڪار تحت ڏنيون وينديون آھن، جيڪڏھن فاروق ستار وٽ ڪو ثبوت آھي تھ جعلي ڊوميسائيل تي ڀرتيون ٿيون آھن تھ سامھون آڻي، ايم ڪيو ايم جي دور ۾ بھ سرڪاري نوڪريون ڏنيون ويون. ڇا تڏھن شفافيت يقيني بڻائي وئي ھُئي؟ ھن چيو تھ سنڌ سرڪار کي وفاق کان جيڪي فنڊ ملندا آھن اُھي شفاف طريقي سان خرچ ڪيا ويندا آھن، جيڪڏھن فاروق ستار سمجھي ٿو تھ 25 ارب رُپيا غائب ٿيا آھن تھ ھُو ثبوت ڏئي، حڪومت آزاد ۽ شفاف آڊٽ لاءِ تيار آھي. شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ سنڌ سرڪار ڪنھن بھ وائيٽ پيپر کان ڊنل ناھي، پر اسان پاڻ ھڪ حقيقت نامو جاري ڪنداسين، جنھن ۾ ايم ڪيو ايم جي اڳوڻين حڪومتن جي مالي بدعنوانين ۽ ڪراچي جي تباھھ حال مڪاني ادارن جي حقيقت عوام جي آڏو رکي ويندي، ايم ڪيو ايم ڪراچي ۾ پنھنجي سياسي ساک وڃائي ويٺي آھي ۽ ھاڻي عوام گمراھھ ڪرڻ لاءِ ڪوڙيون دعوائون ڪري رھي آھي. ھن چيو تھ سنڌ سرڪار ڪراچي، حيدرآباد ۽ ٻين شھرن ۾ ڪيترائي جديد ترقياتي منصوبا مڪمل ڪيا آھن، جڏھن تھ ايم ڪيو ايم جي دور ۾ شھر کنڊر ۾ تبديل ٿي ويو ھو، جيڪڏھن ايم ڪيو ايم واقعي ڪراچي ۽ حيدرآباد جي عوام جي خيرخواھھ ھجي ھا تھ ھي ادارا اڄ مالي بحران جو شڪار نھ ھُجن ھا. شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ فاروق ستار پنھنجي ناڪامين تي پردو وجھڻ لاءِ سنڌ سرڪار تي الزام لڳائي رھيو آھي، حقيقت اھا آھي تھ مڪاني ادارن کي ماضي ۾ جھڙي ريت ھلايو ويو، اُن جي ڪري اڄ مسئلا پيدا ٿيا آھن، سنڌ سرڪار ڪراچي جي عوام سان گڏ آھي، ۽ ھر ممڪن رليف فراھم ڪندي، پر ماضي ۾ جيڪا ڦُرلُٽ ٿي آھي اُن جو حساب ايم ڪيو ايم کي ڏيڻو پوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو