غير قانوني افغان پناهگيرن جي رهائش جي مدي ۾ واڌ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت پاڪستان ۾ رهندڙ غير قانوني مهاجرن جي حوالي سان اهم فيصلو ڪري ورتو آهي.ذريعن موجب وفاقي ڪابينا 13 لک غير قانوني مهاجرن جي رهائش جي مدي ۾ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته رهاڪو ڪارڊ جي مد ۾ واڌ جي منظوري سيفران واري وزارت جي سمري تي ڏني وئي، افغان پناهگيرن جي رهائي جي مدي ۾ مارچ 2024ع تائين واڌ جي منظوري ڏني وئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪابينا ڊويزن اڳ ۾ صفر وزارت جي سمري اعتراضن سان واپس ڪري ڇڏي هئي، پر افغانستان سان لاڳاپيل ڪوآرڊينيشن سيل جي سفارش تي غير قانوني مهاجرن جي رهائش جو مدو وڌائڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو.ذريعن موجب افغان حڪومت جي درخواست تي پاڪستان افغان پناهگيرن جي رهائش جو مدو وڌايو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو