غزه ۾ وڌيڪ 9 اسرائيلي فوجي مارجي ويا

غزه (ويب ڊيسڪ)غزه ۾ ويڙهه دوران وڌيڪ 9 اسرائيلي فوجي مارجي ويا.اسرائيلي فوج موجب اتر غزا ۾ حماس سان ويڙهه ۾ وڌيڪ 9 فوجي مارجي ويا.پرڏيهي ميڊيا موجب غزه ۾ زميني ڪارروائي دوران هن وقت تائين 11 اسرائيلي فوجي مارجي ويا آهن، جڏهن ته 7 آڪٽوبر کان هن وقت تائين 315 اسرائيلي فوجي مارجي چڪا آهن.ٻئي طرف اسرائيلي فوج حماس جي ڪمانڊر ابراهيم بياري کي شهيد ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.اسرائيلي فوج موجب حماس جي سينٽرل جباليه بٽالين جو ڪمانڊر هوائي حملي ۾ شهيد ٿي ويو.عرب ميڊيا موجب حماس ابراهيم بياري جي شهادت جي تصديق نه ڪئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو