غزه ۾ فلسطيني ٽي وي چينل جي گاڏي تي حملو، 5 صحافي شهيد

غزه ۾ فلسطيني ٽي وي چينل جي گاڏي تي حملو، 5 صحافي شهيد

غزه(ويب ڊيسڪ) اسرائيلي فوج غزه ۾ اسپتال جي ڪوريج ڪندڙ صحافين جي گاڏي تي هوائي حملو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ 5 فلسطيني صحافي شهيد ٿي ويا.عرب ميڊيا موجب اسرائيلي فوج نصرت ڪيمپ ۾ العوده اسپتال جي ڪوريج ڪندڙ القدس ٽي وي چينل جي وين تي هوائي حملو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ 5 صحافين سميت 10 فلسطيني شهيد ٿي ويا. ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا.رپورٽ موجب حملي کانپوءِ نشريات واري وين کي باهه لڳي وئي ۽ وين مڪمل طور تي تباهه ٿي وئي، جنهن جون وڊيوز سوشل ميڊيا تي ڏسي سگهجن ٿيون. عرب ميڊيا موجب اسرائيلي فوج جنهن نشرياتي وين تي حملو ڪيو ان تي واضح لفظ ”پريس“ لکيل هئا.ٻئي طرف اسرائيلي فوج صحافين تي حملي جي ذميواري قبول ڪندي چيو آهي ته اسان دهشتگردن جي سيل کي نشانو بڻايو،صحافين جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيم ڪميٽي ٽو پروٽيڪڪٽ جرنلسٽس موجب گذريل سال 7 آڪٽوبر کان وٺي غزه، ويسٽ بئنڪ، اسرائيل ۽ لبنان ۾ گهٽ ۾ گهٽ 141 صحافي ۽ ميڊيا ورڪرز کي قتل ڪيو ويو آهي، ۽ انهن مان 133 فلسطيني غزه جا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو