غزه تي زميني حملي جي تياري، علائقو خالي ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) اسرائيل غزه تي وڏي پيماني تي زميني حملي جي تياري مڪمل ڪري ورتي آهي ۽ اسرائيلي حڪومت غزه جي اترين علائقن ۾ آباد 11 لک فلسطينين کي علائقو خالي ڪري غزه جي ڏاکڻي حصي منتقل ٿيڻ لاءِ 24 ڪلاڪن جو الٽي ميٽم ڏنو آهي. اسرائيلي فوج جي دعويٰ آهي ته حماس عام فلسطينين کي انساني ڍال طور استعمال ڪرن چاهي ٿو، اسين غزه ۾ حماس هٿيارن جا ڊيپو، پناه گاهون ۽ سرنگون سڀ ختم ڪنداسين. اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو چيو آهي ته تمام ڏکيو وقت شروع ٿيڻ وارو آهي. هن وقت تائين حماس جي حملن م 1300 اسرائيلي شهري ۽ فوجي مارجي چڪا آهن ۽ 1500 کان مٿي حماس جا ڪارڪن ۽ عام فلسطيني اسرائيل جي بمباري ۾ ماريا ويا آهن. اسرائيل گذريل ڇنڇر کان 6 هزار بم غزا ۾ اڇلايا آهن، جنهن سبب اڪثر عمارتون تباهه ٿي ويون آهن ۽ شهر کنڊر جو ڏيک ڏئي رهيو آهي.

Screen shot

گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل اسرائيل کي ڏنل ڊيڊ لائين تي نظرثاني جي اپيل ڪئي آهي، جيڪا گڏيل قومن ۾ موجود اسرائيلي سفير د ڪندي ان جي مزمت به ڪئي آهي. اسرائيل جا لکين ريگولر ۽ ريزرو فوجي، هيليڪاپٽرن، ٽينڪن ۽ جديد هيوي هٿيارن سان غزه جي آسپاس پهچي ويا آهن. اسرائيل اعلا ڪيو آهي ته اسين يرغمالين جي آزادي ۽ حماس جو نيٽ ورڪ ۽ ٺڪاڻا تباهه ڪرڻ تائين چپ نه رهنداسين ۽ جيسين اسين اعلان نه ڪريون تيسين ڪو به غزه جي اترين علائقن ۾ نه اچي. گڏيل قومن جو چوڻ آهي ته سندن انتظام هيٺ هلندڙ اسڪولن، اسپتالن ۽ ٻين عمارتن ۾ 4 لک 23 هزار فلسطينين پناهه ورتي آهي، اسپتالن جي جنريٽرن جو تيل ختم ٿين وارو آهي، کاڌي پيتي جي شين سخت کوٽ آهي ان لاءِ عالمي برادري کي 34 ڪروڙ ڊالر جي فوري امداد جي اپيل ڪئي وئي آهي. ٻئي پاسي حماس چيو آهي ته اسرائيلي بمباري ۾ 13 غيرملڪين سميت يرغمالي مارجي ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو